راز عبدالخالق سومرو

’راز‘، عبدالخالق سومرو: ڊاڪٽر عبدالخالق راز ولد آخوند محمد حسن خان ’مسڪين‘ سومرو، پهرين جولاءِ 1934ع تي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت اديب فاضل سنڌي، ايم. اي، بي. ايڊ ۽ پي. ايڇ. ڊي هئي. ڊاڪٽر راز 18 آگسٽ 1949ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو، بعد ۾ مختلف عهدن تي رهيو، جن ۾ ايڇ. ايس. ٽي، هاءِ اسڪول جي هيڊماستر ۽ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس جي عهدن تي خدمتون انجام ڏنائين ۽ پهرين جولاءِ 1994ع تي ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير بخش شجراع‘ مان هيڊماستر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالخالق راز سڄي عمر علم ۽ ادب جي خدمت ۾ گذاري. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ڪليات علوي، (2) شڪارپور صدين کان، (3) بکر جي تاريخ وغيره قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ جا بيشمار مضمون ۽ مقالا سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ٿيل آهن. هن نثر ۾ تحقيق، تاليف ۽ تصنيف سان گڏ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪجهه افسانا، ڪهاڻيون ۽ ڊراما به لکيا آهن. سندس اردو ڪهاڻيون ’ماهه نو‘ مئگزين ۾ به شايع ٿي چڪيون آهن. شاعريءَ ۾ به هن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. کيس علم عروض تي پوري دسترس هئي ۽ ابجد جو به ڄاڻو هو.
کيس ادبي خدمتن عيوض عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ 2005ع ۾ ’تنوير عباسي اوارڊ‘ ڏنو هو. ڊاڪٽر عبدالخالق راز 25 جولاءِ 2011ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه قبرستان ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.07.01  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالخالق راز ولد آخوند محمد حسن خان ’مسڪين‘ سومرو، پهرين جولاءِ 1934ع تي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.


1949.08.18  عيسوي

ڊاڪٽر راز 18 آگسٽ 1949ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو، بعد ۾ مختلف عهدن تي رهيو، جن ۾ ايڇ. ايس. ٽي، هاءِ اسڪول جي هيڊماستر ۽ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس جي عهدن تي خدمتون انجام ڏنائين


1994.07.01  عيسوي

پهرين جولاءِ 1994ع تي ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير بخش شجراع‘ مان هيڊماستر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.


2011.07.25  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالخالق راز 25 جولاءِ 2011ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه قبرستان ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان ميڪسويل ڪوئٽزي
سچل شيخ
پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
صبيحه مغل ڊاڪٽر
حسن اي شيخ
رضيه سلطانه
خانبهادر رسول بخش خان مغل
چيچن داس رائسنگهاڻي
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون